ڪراچي – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر ۽ چيف اس??ائوٽ پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اس??ائوٽس ٻارن کي روايتي مهارتون سيکارڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي کان به روشناس ڪرايو وڃي، اس??ولز جي ٻارن سان گڏ مدرسن جي ٻارن کي به شامل ڪريو، اس??ائوٽس ايندڙ سال جي لاءِ هدفن ۾ اس??ائوٽ جي تعداد ۾ وڌيڪ اضافي، اس??ائوٽنگ وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ادارن ۽ نيون مهارتون سيکارڻ به شامل ڪريو، ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نظام تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اس??ائوٽس ايسوسيئيشن کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن کي حل ڪرڻ ۾ هر ممڪن مدد ۽ تعاون ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ بواءِ اس??ائوٽس ايسوسيئيشن جي صوبائي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد پاڪستان بواءِ اس??ائوٽس ايسوسيئيشن جي 75 هين قومي ڪائونسل جي اجلاس جي دوران ڳالهائيندي ۽ ان کانپوءِ خطاب ڪندي ڪيو.