اسلا?? آباد – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي وڌندڙ آبادي تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيڊرل پاپوليشن ٽاسڪ فورس تي زور ڏنو آهي ته اها ٽاسڪ فورس جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊ??ڪٽر ظفر مرزا سان ملاقات جي موقعي تي چئي، ان موقعي تي ٽاسڪ فورس جي ٻن اڳوڻن اجلاسن جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آبادي ۾ اضافي جي سماجي ۽ معاشي اثرن جي حوالي سان عوام ۾ شع??ر پيدا ڪندي ان جي موجوده رفتار کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي.