راولپنڊي – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام وسيلي هيستائين 38 هزار نوجوانن کي اسڪلز اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن، جنهن ۾ 10 هزار عورتون ش??مل آهن، وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ڌيئرن جي صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي ڪامياب جوان پروگرام ۾ عورتن کي ش??مل ڪيو آهي، ان کان اڳ عورتن کي بهترين موقعا نه ڏنا ويا هئ??، گذريل حڪومتن رستن، نالن ۽ پلين تي سيڙپڪاري ??ئي پر وزيارعظم عمران خان جي حڪومت نوجوانن تي سيڙپڪاري ??ري رهي آهي جيڪا ملڪي ترقي جو سبب بڻجندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح ويمن يونيورسٽي راولپنڊي ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.