ڪراچي – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ڪراچي پاڪستان جو وڏو واپاري مرڪز آهي، ڪراچي جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، نئين بلدياتي نظام تحت وڏن شهرن جو پنهنجو نظام هوندو، ڪراچي پاڪستان جو حب آهي، هتان جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ڪراچي بهتر ٿيندو ته پاڪستان بهتر ٿيندو، گذريل حڪومت جي دور ۾ پنجاب جا 50 سيڪڙو فنڊز لاهور تي خرچ ٿيا، لاهور بهتر ٿيو پر باقي ع??ائ??ا ترقي کان محروم رهيا، اسان اهڙو بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ميئر ۽ ناظم جي سنڌي سنئين چونڊ ٿيندي. گورنر هائوس ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب ج?? موقعي تي پنهن??ي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چي?? ته هو موسم خراب هجڻ سبب ان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ڪراچي نه اچي سگهڻ تي ڪراچي جي ماڻهن سان معذورت خواه آهي. ڪراچي اچڻ جو مقصد ڏيڍ سالا اقتدار جي دور ۾ ڪراچي ۾ شروع ڪيل 5 منصوبن جو افتتاح ڪرڻو هو جن ۾ ٽن ف??ائ?? اوورز ۽ ٻن رستن جي تعمير شامل هئي.