گلگت بلتستان – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ سياسي بيروزگار گڏ ٿيا آهن، اهي جيترا ڏينهن چاهين احت??اج ڪن، کاڌو ختم ??يڻ تي کين فراهم ڪيو ويندو، حڪومت ته ننڍڙي شيءَ آهي آئون هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر انهن کي نه ??ڏيندس، جيستائين ڪرپشن ڪندڙ جيل ۾ نه ويندا ۽ عوام آڏو مثال نه بڻجندا تيستائين ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو، غربت جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ڪارڪنن کي پتو ئي نه آهي ته اهي ان احت??اج ۾ ڇو شريڪ آهن، آئون الله سان واعدو ڪري آيو آهيان ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ??ڏيندس. گلگت بلتستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪ??دي وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن ٿي??دي آهي ته ادارا تباهه ٿي ويندا آهن ۽ ملڪ جي تباهي جي ذميدار ڪرپشن هو??دي آهي.