اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ ۾ صنعتي انقلاب جاري آهي، اسان تعميراتي صنعت بحال ڪئي، ٽيڪسٽائيل صنعت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويو، اڄ اسان جون صنعتون پوري صلاحيت سان ڪم ڪ??ي رهيون آهن، 2017ع جي ڀيٽ ۾ 2021ع ۾ ٺهندڙ رستن تي ايندڙ لاڳت اڌ آهي، اسان ڪرپشن کان پاڪ منصوبا شروع ڪيا جن تي ڪير آڱر نه ٿو کڻي سگهي، ج??لم جي ٻن ڦاڪن وا??ي رستي واري منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان چڪوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، گجرات ۽ ميرپور جي علائقن سان رابطو قائم ٿيندو، ??نصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان سياحت کي فروغ ملندو، ??صلن کي مارڪيٽ تائين پهچ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن 128 ڪلوميٽر ڊگهي ج??لم – للها ڊوئل ڪيرج وي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، چونڊيل نمائندن ۽ ج??لم جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ج??لم شهيدن ۽ غازين جو علائقو آهي، اسان جي قبرستانن مان شهيدن جي رت جي خوشبو ايندي آهي. هن چيو ته ڪنهن هن علائقي جي لاج رکي ??هي ته اهو وزيراعظم عمران خان آهي، عمران خان جڏهن ج??لم آيو ته هن واهه جي منصوبي جو افتتاح ڪيو جيڪو پڄاڻي تي پهتو. ان واهه جي تعمير بابت ملڪه برطانيا 1906ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر ج??لم کي خط لکيو هو، 1906ع کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ان منصوبي کي 2020ع ۾ پڄاڻي تائين پهچايو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مون کان وڌيڪ ج??لم ۽ پنڊ دادن خان کي ڄاڻي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٽي رستا نارٿ پنجاب روڊ نيٽ ورڪ جوڙين ٿا، منگلا – ميرپور روڊ ڊوئل ڪيرج وي بڻجي وئي آهي، ڪشمير مان سڄي ٽريفڪ کي ان روڊ تائين پهچي ملي وئي آهي، ج??لم – للها روڊ جي ذريعي جي ٽي روڊ موٽروي سان ڳنڍجي ويندو، ڪشمير جي ماڻهن کي لاهور يا راولپندي وڃڻو نه پوندو. هن چيو ته ڪشمير جا ماڻهو ان رستي جي ذريعي موٽروي تائين پهچ حاصل ڪري سگهندا جنهن سان ڪيترن ئي ڪلاڪن جو سفر بچي سگهندو. هن چيو ته سيالڪوٽ موٽروي کي راولپنڊي تائين توسيع ڏيڻ جو فائدو چڪوال، جهلم، ميرپور ۽ گجرات سان گڏوگڏ اسلام آباد کي به ٿيندو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ گرين ايرياز تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن، اهي رستا ٺهڻ سان اسلام آباد کي ڀرپاسي وارا علائقا دستياب هوندا جنهن سان وڏي آبادي فائدو کڻي سگهندي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جي حڪومت کان اڳ اهڙي قسم جي منصوبن بابت ڪنهن به سوچيو نه هو، ??اضي ۾ رستن جي منصوبن ۾ ڪميشن حاصل ڪئي وئي، انهن منصوبن ۾ پنهنجي ماڻهن کي نوازيو ويو، 2021ع ۾ ٺهندڙ رستي تي ايندڙ لاڳت 2017ع جي ڀيٽ ۾ اڌ آهي. هن چيو ته اڄ ڪرپشن کان پاڪ رستن جا منصوبا جاري آهن، انهن منصوبن تي ڪير آڱر نه ٿو ڻي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت ملڪ ۾ صنعتي انقلاب آندو آهي، تعميراتي صنعت بحال ڪئي، ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، اڄ اسان جون صنعتون پوري صلاحيت سان هلي رهيون آهن، آبادگارن کي انهن جي فصل جي پوري قيمت ملي رهي آهي، اهي اهڙا قدم آهن جيڪي ان کان اڳ ڪڏهن نه کينا ويا. هن چيو ته وزيراعظم ملڪ جي 70 سالا خرابين کي ختم ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي، پاڪستان جي باشعور عوام جو اڄ ڪو ليڊر ??هي ته اهو عمران خان آهي. ڪراچي کان خيبر تائين ۽ گوادر کان لاهور تائين عمران خان جو ووٽ بئنڪ موجود آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف واحد پارٽي ??هي جيڪا پاڪستان جي ڳالهه ڪري ٿي، اسان ڪڏهن فرقيواريت ۽ صوبائيت تي ٻڌل سياست نه ڪئي. هن چيو ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ج??لم سميت ٻين علائقن جي اڪانومي تبديل ٿي ويندي. سياحت کي فروغ ملندو، ??نصوبو شروع ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃون ٿا.