اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته قومي ترقي جي عظيم جدوجهد ۾ اسان جي جوان پورهيتن جو ڪردار بنيادي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ا??هن سمورن سنهري اصولن تي عمل پيرا آهي ج??هن ۾ مزدورن جي حقن جي فراهمي ۽ تحفظ رياست جو آئين فراهم ??ري ??و. مزدورن جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پهرين مئي پورهيتن جي حقن جي تحفظ جي علامت طور ملهايو ويندو آهي، ان ڏي??هن اهو وچن ورجايو ويندو آهي ته پورهيت قومي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي ذميداري ??وري ??يڪ نيتي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندو. محمد صادق سنجراڻي چيو ته رياست ۾ هر سطح تي پورهيت جي حقن جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي، پاڪستان ۾ جلد مزدور ڪلاس جو معيار بهتر ٿي ويندو ان لاءِ هڪ مستقبل لائحه عمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته هنرمند ۽ غير هنرمند مزدورن جي گهٽ کان گهٽ معاوضي ۾ اضافو ڪري ??ورهيتن جي معيار کي بهتر ڪري سگهجي ٿو.