اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خا?? جي هدايت تي حڪومت ميڊيا صنعت جي مسئل?? جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ صحافي?? جي حق?? جي تحفظ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان اي پي اين ايس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبرن وڊيو لنڪ تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اي پي اين ايس جي سيڪريٽري جنرل سرمد علي، شهاب زبيري، مجيب الرحمان شامي، قاضي اسد عابد، نجم الدين شيخ، مشتاق احمد، فوزيه شاهين، محسن بلال، فيصل زاهد ملڪ، سيد هارون شاهه، نويد چوڌري، ممتاز اي طاهر ۽ ٻين ميمبرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??يو ته اشتهار جي رهت?? جي ادائگي ترجيحي بنيادن تي ڪئي پئي وڃي، ان مد ۾ 74 ڪروڙ رپيا ادا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور جي اشتهار?? جي مد ۾ اٽڪل 45 ڪروڙ رپي?? جي ادائگي ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وزير ??يو ته ڪورونا جي ڪري پو??ي دنيا معاشي عدم استحڪام جو شڪار آهي، ان جا منفي اثر اسا?? جي معيشت تي به پيا، اسان سڀ??ي کي گڏجي انهن مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته ميڊيا معاشري جو اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا نه رڳو عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري ٿي پر ان شعبي سا?? هزارين خاندانن جو روزگار پڻ واڳيل آهي.