مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد ??هت?? ۽ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر، ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ڪشمير معاملن واري وزير علي امين گنڊ??پو??، پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال، آزاد ڪشمير جي وزيرن، قانونساز اسيمبلي ميمبرن، حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ڀارتي ظلمن جي خلاف شيهي جي ديوار بڻيل ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي خ??اج تحسين پيش ڪرڻ ۽ شهيدن جي ياد ۾ ٺاهيل مزاحمتي وال جو افتتاح ڪيو. کيس هتي ان حوالي سان بريفنگ ??ني وئي. ان موقعي تي ڪشمير جي شهيدن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان جي مظفرآباد اچڻ تي هيلي پ??ڊ تي وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ صدر سردار مسعود خان سندس استقبال ڪيو.