اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري معيشت کي استحڪام ڏيڻ ۽ ترقي جي راهه تي ملڪ کي گامزن ڪرڻ جون ڪوششون متاثر ٿيون آهن، حڪومت انهن شعبن کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جن سان معاشي عمل کي فروغ ملي ۽ روزگار جا موقعا ??يدا ٿين، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن م??لي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ جي حو??لي سان اعليٰ ??طحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم وزيراعظم کي ايندڙ م??لي سال جي بجيٽ جي اوڳاڙين، خرچن ۽ ان حو??لي سان زميني حقيقتن کي سامهون رکندي حڪومت جي ترجيحن کي عملي جامعو پارائڻ جي حو??لي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني.