اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي سماجي مسئلن جي حل ۽ قومسازي ۾ ميڊيا جي ڪردار تي زور ڏيندي پاڪستانين کي عظيم قوم بڻائڻ جي ع??م کي ورجايو آهي. هن آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي اهتمام هيٺ 24 هين سالياني ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اي پي اين ايس ڊگهي عرصي کان صحافين جي حقن لاءِ ج??وج??د ڪري رهي آهي، هن وقت پرنٽ ميڊيا انڊسٽري کي چئلينجز درپيش آهن، حڪومت انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪري رهي آهي.