اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نجي شعبي جي ترقياتي منصوبن ۾ ڀرپور شرڪت ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي وزارتن کي ان حوالي سان هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موجود قا??ون?? ۽ عملن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم وزيرن ۽ ص??با??ي چيف سيڪريٽرين کي پڻ اها هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل کاتن ۾ اهڙن ترقياتي منصوبن جي نشاندهي ڪن جتي رڳو سهولتڪاري، قا??ون?? کي آس??ن بڻائي يا گهٽ مالي وسيلا لڳائي ترقياتي منصوبن تي ڪم شروع ڪري سگهجي ٿ??. هن اها هدايت ملڪ ۾ معاشي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان مختلف شعبن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.