اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) ر??اب??دي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستاني ڄائي آمريڪي پروفيسر مدثر وائين سان ??لاقات ڪئي. ملاقات دوران تعليم وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، ايڇ اي سي جو ڊائريڪٽر ڪوالٽي انشورنس ۽ پلانگ ڪميشن جا ميمبر پڻ موجود هئا. پروفيسر مدثر وائين جيڪو ڪيليفورنيا ۾ ڪوالٽي انشورنس جو ماهر ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي آمريڪي بورڊ آف انجينرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي مان ??ڃيل ڪوالٽي انشورنس جي اصولن تي روشني وڌي. وفاقي وزير احسن اقبال پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ماهرن جي ملڪ ۾ ترقي واري ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته اڏام پاڪستان ??روگرام تحت اهڙن ماهرن جي علم ۽ تجربي مان ??ائدو حاصل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته 2023ع ۾ ايڇ اي سي ۽ برٽش ڪونسل جي سهڪار سان ??اڪستاني يونيورسٽين کي تيار ڪيو ويو آهي، ڪوالٽي انشورنس فريم ورڪ نه ??رف تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ مثالي آهي پر اهو پاڪستاني تعليمي نظام جي ضرورتن کي پڻ پورو ڪري ٿو. احسن اقبال فريم ورڪ تي اثرائتي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن اعلي تعليمي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.