مردان / اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ڪڏهن به حملن ۽ يلغار جي سياست ناهي ڪئي، اسان پرچيءَ ۽ ووٽ جي طاقت ۽ سياست سا?? ڪاميابي حاصل ڪئي. مردان شير ڳڙهه ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ت?? عوام جي محبت ۽ جوش ڏسي منهنجي دل چوي ٿي ته کلي ڳالهايان ۽ اسان کي ائين ??رڻ گهرجي، هڪ پاڪستاني ٻئي پاڪستاني سا?? دل جي ڳالهه ڪندو آهي ڇو ت?? پاڪستاني جي حيثيت سا?? اسان جا ڏک ۽ خوشيون هڪ ئي آهن، اسان جي خوشي ۽ ڏک گڏيل آهن، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته پاڪستاني تڪليف ۾ هجي ۽ وزيراعظم سک سان س??هي. هن چيو ت?? اسان جو ۽ عوام جو رشتو ڏک ۽ درد ۽ خوشي جو رشتو آهي، عوام جي ڏک ۽ تڪليف کي ختم ??رڻ جي لاءِ ٻه ڀيرا نه پر ٽي ڀيرا نواز شريف ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، ڪير اهو نه ٿو چئي سگهي ته نواز شريف جي سياست ۾ ملڪ جي خدمت نه ٿي، هن پنهنجو سک ملڪ جي عوام لاءِ قربان ڪيو.