ٽوڪيو – 19 اپريل (اي پي پي) جاپان جي ڪمپني ٽو??وٽ?? موٽرز ڊرائيونگ دوران پويان دروازا کلڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا مان اٽڪل 2 لک 11 هزار پريئس گاڏيون مرمت لاءِ واپس گهرائي ورتيون. اين ايچ ڪي مطابق جاپان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت ناڪافي واٽر پروفنگ سبب پاڻي اندر داخل ٿي پوين آٽوميٽڪ دروازن ۾ شارٽ سرڪٽ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. وزارت چيو ته جيڪڏهن ڊرائيونگ دوران دروازا لاڪ نه ڪيا ويا هجن ته بدترين صورتحال ۾ ??لي سگهن ٿا، هن وقت تائين اهڙا ٽي واقعا سامهون آيا آهن جڏهن پريئس جا دروازا گهٽ رفتار سان سفر ڪندي ??لي ويا هئا پر ڪنهن حادثي جو اطلاع ناهي مليو. هن چيو ته ڪمپني ان ماڊل جي پيداوار ان وقت تائين ر??ڪي ڇڏي آهي جيستائين ڄاڻايل مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پرزا حاصل ??ٿا ڪيا ويا وڃن.