اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي فوجي سربراهن جي ملازمت جي مدي جي حوالي سان ٽنهي بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن موجب چيف آف آرمي اسٽاف، چيئرمين جوائ??ٽ چيفس ??ف اسٽاف ڪميٽي، پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه جي مقررين يا انهن جي ع??دي جي مدي ۾ توسيع کي به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو ۽ بل تحت بري، بحري ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن ۽ چيئرمين جوائ??ٽ چيفس ??ف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ وزيراعظم جي مشوري تي صدر ٽن سالن جي لاءِ ٻيهر مقرري ڪري سگهندو.