اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان اڱاري ڏينهن شروع ٿيندڙ پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم (جي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. سومر ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري بي??ن موجب پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) ۽ سوئٽزرلينڊ جي حڪومت جي آر ايف جي گڏيل ميزباني ڪري رهيا آهن. وزيراع??م عمران خان کي تر??ي جي صدر رجب ??يب اردوان ۽ ڪوسٽاريڪا، ايٿوپيا ۽ جرمني جي اڳواڻن سان پناهگيرن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي مثالي ڪردار سبب فورم جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي.