اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڪالهه آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو ??ورو ڪيو. پرڏيهي س??ڪر??ٽري سهيل محمود، اسپيشل پرڏيهي س??ڪر??ٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ??رجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن پرڏيهي وزير کي پارليامينٽ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير مرڪزي ڪانفرنس هال، وفدن جي سهولت لاءِ ٺ??هيل ڪائونٽرز، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز جو مشاهدو ڪيو ۽ انتظامن تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس کانپوءِ، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهان ٿو. هن چيو ته اڄ صبح مصر جو پرڏيهي وزير اچي ويو آهي، منهنجي ساڻس ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي چڪي آهي، سڀاڻي اڪثر پرڏيهي وزير اچي ويندا. هن چيو ته هن اجلاس ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بشمول فلسطين ۽ ڪشمير جي صورتحال پڻ بحث هيٺ ايندي، پاڪستان او آءِ سي جو ??اني ميمبر هجڻ جي ناطي، او آءِ سي جي پليٽ فارم کي وڌيڪ مستحڪم ڏسڻ چاهي ٿو، آئون پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسلامو فو??يا جي خلاف اسان جي ڪوششن جو ??مر ملي رهيو آهي، گڏيل قومن ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، هاڻي انشاءَ الله 15 مارچ تي اسلامو فو??يا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايت تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مهمان پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين وفدن جي سهولت لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.