اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسيءَ بعد عالمي برادريءَ جي مسلسل رابطن جي ضرورت آهي. يورپي يونين ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي منظم ۽ سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. پرڏيهي وز??ر انطاليه ڊپلوميسي فورم جي اجلاس جي موقعي تي تر??يءَ ۾ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بورئيل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ٻه طرفن ناتن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو. ملاقات ۾ افغان امن عمل ۽ غير قانوني طور ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ معاملن تي به غور ويچار ڪيو. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تي عملدرآمد سان ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيا. شاهه محمود قريشي چيو ته جي ايس پي پلس ٻه طرفي طور فائديمند ثابت ٿيو، ٻنهي طرفن جي وا??ار کي هٿي وٺ??ائڻ ۾ ان اهم ڪردار ادا ڪيو. جي ايس پي پلس جي تسلسل سهڪار سان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ملڪن ۾ معيشت ۽ وا??ار وڌيڪ وڌڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وز??ر پاڪستان طرفان جي ايس پي پلس بابت 27 نڪاتي انٽر??يش??ل ڪنويشنز تي عملدرآمد جو يقين ڏياريو. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان، ايف اي ٽي ايف طرفان اُٿاريل 27 نُڪتن مان 26 نُڪتن تي عملدرآمد ڪري چڪو آهي، اميد آهي ته ايف اي ٽي ايف جي ايندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي سنجيده ڪوششن کي نظر ۾ رکندي گري لسٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي. ٻنهي اڳواڻن ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي معاملن تي به ڳالهايو.