اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، مسلمان ملڪ?? کي متحد ٿي ڪري اولهندي ملڪ?? کي ٻڌائڻو پوندو ته اهڙي طرح جي قدمن سان سوا ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿيندي آهي، يورپ ۾ هولوڪاسٽ تي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، ماضي ۾ منصوبابندي نه ڪرڻ سبب ماحول تي منفي اثر پيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ قومي رحمت العالمين ﷺ ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيش?? کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو موضوع ”ماحولياتي آلودگي ۽ اسان جي ذميداري“ هو. هن چيو ته اها ڪانفرنس هر سال منعقد ڪئي ويندي. پاڪستاني عوام خاص طور نوجوان?? کي حضور اڪرم ﷺ جي حيثيت بابت مڪمل آگاهي ڏيڻي آهي، حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت محمد ﷺ جهڙو عظيم انسان آيو آهي نه ئي ايندو، دنيا جي سئو عظيم شخصيتن ۾ حضور اڪرم ﷺ جو پهريون نمبر آهي. الله قرآن پاڪ ۽ حضو?? ﷺ جي زند??ي جي ذريعي اسا?? کي راهه ڏيکاري، هن چيو ته ماضي ۾ اسان مستقبل جي منصوبابندي ناهي ڪئي، جنهن جا ماحولياتي صورتحال تي اثر پيا آهن، اسان جي خطي ۾ ماحولياتي صورتحال سنگين آهي، گرمي جي شدت جي ڪري گليشيئر پگهرجي رهيا آهن، موسمياتي تبديلين جي ڪري منفي اثر پئجي رهيا آهن، هن چيو ته مسلمانن ايمان جي قوت سبب ڪاميابي حاصل ڪئي.