گلگت – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته حڪومت گلگت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ ??وا??ائي جي شعبن ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان 16 هزار 500 نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ گلگت بلتستان ۾ زراعت جي شعبي کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت جي دوري دوران ??گران ??ڏي وزير مي?? افضل پاران ??جموعي صورتحال تي ڏني ويندڙ بريفنگ جي موقعي تي ڪيو. صدر چيو ته گلگت بلتستان جو صوبو پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت ر??ند?? آهي، حڪومت علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ ??وا??ائي جي شعبن ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي ترقي لاءِ صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، گلگت بلتستان جي ترقي لاءِ ڏورانهن علائقن تائين صحت ۽ تعليم جون سهولتون پهچائڻيون پونديون. صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي کي ان ??وقعي تي ديامير ڀاشا ڊيم تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.