اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين جنم ??ها??ي جي موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي جي جذبي جي عڪاس ڪرتارپور لنگهه جي بي مثال منصوبي جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه، ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير ڪيپٽن (ر) امريندر سنگهه ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو سميت ڀارت سمي?? سڄي دنيا مان بابا گرو نانڪ جي جنم ??ها??ي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪرتارپور آيل سک ياترين جو وڏو انگ پڻ ان موقعي تي موجود هو جن فرا??دل??ڻي انداز ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت ??ا ٿورا مڃيا ۽ دعائون ڪيون.