اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نواز شريف جي سزا ختم ناهي ٿي، طبي بنيادن تي رليف ڏنو ويو آهي، حڪومت نواز شريف جي صحت جي لاءِ دعاگو آهي، نواز شريف پنهنجي مرضي سان جتان چاهي علاج ڪرائي سگهي ٿو، عدالت ميڊي??ل بورڊ جي تجويز تي نواز شري?? کي ضمانت ڏني آهي، وزيراعظم يا حڪومت جو ان ڪيس سان سڌوسنئون ڪو تعلق نه هو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خصوصي معاون چيو ته نواز شريف جي سزا ختم ناهي ٿي پ?? رليف ڏنو ويو آهي، نواز شري?? کي اڱاري تائين رليف ڏنو ويو آهي.