اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته احتساب جو عمل اڳتي وڌندو، بدعنواني جي خلاف جنگ ??مورن طبقن جي جنگ ??هي، سمورن ادارن ۽ طبقن کي وزيراعظم عمران خان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، مهانگائي، ڊالر جي قدر ۾ اضافو ۽ اسان جي ڪيترن ئي مسئلن جا ذميوار پاڪستان تي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ حڪومت ڪندڙ ٽي خاندان آهن، مني لانڊرنگ ??ريعي ڦريل دولت ٻاهر موڪلڻ ۽ ان دولت کي استعمال ۾ آڻ?? جي لاءِ منصوبو تخليق ۽ عمل ڪرڻ جي ذميواري اقتصادي هٽ مين اسحاق ڊار کي ڏني وئي. اوڳاڙين واري مملڪتي وزير حماد اظهر ۽ وزيراعظم جي احتساب واري خصوصي معاون بئريسٽر شهزاد اڪبر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته مني لانڊرنگ ??ا جيڪي ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن ضروري آهي ته قوم جي آڏو حقيقتون رکيون وڃن.