اسلام آباد – 10 سي??ٽم??ر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستاني مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيار جي حوالي س??ن خدشا مصنوعات جي روانگي واپار جي فروغ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، معيار جي جاچ پڙتال جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي ملڪ ۾ ص??عتي مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي س??ن اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر ??بدالحفيظ شيخ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين ملڪ ۾ ص??عتي ۽ ٻي مصنوعات جي معيار جي حوالي س??ن موجوده نظام، پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت معياري ٽيسٽنگ ليبارٽريز جي قيام ۽ صنعتي مصنوعات جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ نج?? شعبي جي ڪردار کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي س??ن قدمن کان آگاهه ڪيو.