اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان سڀني کي قومي جذبي سان سرشار ٿي عوام جي زندگين ?? سهولت پيدا ڪرڻ جو مثبت ۽ روشن ڪردار ادا ڪرڻو آهي، هي قوم جي خدمت جو م??قعو آهي، ذخيره اندوزي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، اڄ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ سڄي پاڪست??ن ۾ خاص طور تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ضرورت جي شين ?? خوراڪ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪرونا کان بچڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پارٽي جي متحرڪ ڪردار جي اهميت تي زور ڏنو ويندو ته جيئن ماڻهو احتياطي تدبيرن ت?? سختي سان عمل ڪن.