اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيليسيميا جي مرض جي وق?? سر سڃاڻپ احتياطي تدبيرن ۽ علاج تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا ۽ مسجد?? جي ذريعي معاشري ۾ آگاهي پيدا ڪري ان مرض کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي ٿو، ٿيليسيميا جي روڪٿام لاءِ ??ر ممڪن قدم کڻڻا پوندا، صحت جي شعبي کي وزيراعظم جي ترجيحن ۾ اولين حيثيت حاصل آهي، صحت جي بجيٽ کي وڌايو ويو آهي، پاڪستان کي سرسبز ۽ صاف بڻائڻ لاءِ ??ر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپندي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ 14 هين نيشنل ٿيليسيميا ڪانفرنس اينڊ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو.