اسلام آب??د – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا ج?? اجلاس ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آب??رويشن جو جائزو ورتو ويو ۽ آرٽيڪل 255 ۾ ترميم ذريعي لفظ مدي ۾ واڌ جي اضافي جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي پاڪ فوج جي سربراهه جنر?? قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير شفقت محمود، شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي هنگام?? اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪابينا اجلاس جي حوالي سان ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي هنگام?? اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس، عدالت جي آب??رويشن ۽ نوٽيسز جاري ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.