اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ ن??ريات با??ت خصوصي معاون ڊاڪٽر ف??دوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته گهرو وزارت کي نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست ملي آهي، نواز شريف جي ڪيس ۾ نيب فريادي آهي، ان لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي راءِ ورتي وئي آهي، سرڪاري ميڊيڪل بورڊ کان به نواز شريف جي صحت با??ت راءِ طلب ڪئي وئي آهي. هو خطاطي جي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان هر ڀيري واضح ڪيو آهي ته نواز شريف کي عدالت طب?? بنيادن تي ضمانت ڏني آهي، سياست پنهنجي جاءِ انساني همدردي پنهنجي جاءِ تي آهي، نواز شريف جي صحت جي حوالي سان ڪا سياست نه ڪئي ويندي.