رحيم يار خان – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سينيٽر چوڌري محمد جعفر اقبال سان اسلام آباد جي سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن راڻا عمران لطيف ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ صحافين کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ صدر ڊسٽرڪٽ ??ريس ڪلب رحيم يار خان قيصر غفور چوڌري پڻ ساڻس گڏ هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري محمد جعفر اقبال چيو ته پاڪستان خطي جو اهم ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي سڀ کان وڏي عسڪري طاقت آهي جنهن جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ۽ مستقبل روشن ۽ شاندار آهي، پاڪستان جي بدخواهن جون سازشون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون، پاڪستان ۾ رهندڙ هر ماڻهو جانثاري جي جذبي سان سرشار آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ملڪ جي دفاع لاءِ ڪنهن به قرباني ک??ن نه ڪيٻائيندو. هن چيو ته موجوده ملڪي حالتن ۾ صحافين جو ڪردار انتهائي اهم آهي ڇو ته صحافي معاشري جو آئينو هوندا آهن، اسان انهن جي ڪردار کي سارا??يو?? ٿا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت جو عوامي خدمت ۾ ڪو به ثاني نه آهي، ماضي گواهه آهي ته پارٽي ملڪ کي سدائين ترقي ڏني ۽ عوام جي زندگي جو معيار بلند ڪيو. موجوده حڪومت به انهي تسلسل سان اڳتي وڌي رهي آهي، اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود وفاقي ۽ صوبائي حڪومت عوام کي ريليف جي فراهمي ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ۽ سمورا حاصل وسيلا عوامي ڀلائي تي لڳايا پيا وڃن، جنهن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز خراج تحسين جا مستحق آهن جن پارٽي صدر محمد نواز شريف جي ويزن جي تڪميل جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي. راڻا عمران لطيف چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو غيرضروري سياسي تڪرار آهن جن کي سياستدانن کي گڏجي ويهي ختم ڪرڻو پوندو، هي وقت گڏيل اختلافن کي هوا ڏيڻ جو نه پر متحد ٿي ملڪي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ تمام گهڻين نعمتن س??ن نوازيو آهي اسان کي خودانحصاري اختيار ڪري پنهنجي وسيلن کي ڪارائتو بڻائڻو پوندو. هن چيو ته صحافت کي جمهوريت جو چوٿون ٿنڀ چيو وڃي ٿو جيڪو معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ عوام جو آواز حڪمرانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، حڪومت کي گهرجي ته صحافين جي مسئلن کي ختم ڪري ۽ انهن کي تحفظ فراهم ڪري. ڊسٽرڪٽ ??ريس ڪلب جي صدر قيصر غفور چوڌري چيو ته سياسي مفادن جي خاطر ملڪي مفادن کي داءُ تي لڳائيندڙن کي هوش کان ڪم وٺڻو پوندو، موجوده خراب حالتن ۾ سمورن سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن کي ملڪي مفادن جي تڪميل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ملڪ جي عوام به محب وطن ۽ جانثار آهي جن جي وفاداري شڪ جي ڪا گنجائش نه آهي. ان موقعي تي توقير خان ايڊووڪيٽ، چوڌري زاهد گجر ۽ ٻيا موجود هئا.