اسلام آباد – 06 –??ولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل عالمي خاموشي سان حوصلو وٺي ۽ نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کا??سواءِ والاريل اولهندي ڪناري ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو بنا ڪنهن شڪ ۽ عملي طور تي جنگي ڏوهه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جنين پناهگير ڪئمپ ۾ اسرائيلي فضائي ?? زميني ڪاررواين جي نتيجي ۾ 5 ٻارن سميت 12 فلسطينين جي شهادت دنيا لاءِ شايد رڳو انگ اکر هجن، پر اهي ماڻهو گوشت ۽ رت سان ٺهيل انسان آهن، جن کي پ??هن??ي بنيادي حق جو مطالبو ڪرڻ تي قتل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسرائيلي فضائي حملن سان هزارين پناهه وٺندڙن جي ڪئمپ مان ڀڄڻ تي مجبور ٿيڻ جا منظر عالمي ضمير کي جنجهوڙيندا رهندا.