ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر روسي پرڏ??هي وزير سرگئي لاوروف سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ??ئي. پرڏ??هي آفيس موجب افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي روسي پرڏ??هي وزير سان مملڪتي وزير جي ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. پرڏ??هي وزير سرگئي لاوروف ۽ پرڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ٻنهي ملڪن جي گڏي?? فائدي جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو. هنن واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ غذائي تحفظ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پرامن، مستحڪم، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستان جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ ??ي لاءِ ويجهي مشاورت جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين شنگهائي تعاون تنظيم تحت مختلف اقتصادي قدمن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو.