يوڪوهاما – 06 مئي (اي پي پي) ناڻي ??اري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام ??اصل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي ??ائيدار اقتصادي واڌويجهه تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، ??ائيڪرو اڪنامڪ استحڪام ??اصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان هاڻي ??نهنجي اقتصادي حڪمت عملي تحت وڌيڪ واڌويجهه جي شرح رکندڙ پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 50 هين سالياني ۽ بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي موقعي تي وڌندڙ عدم برابري جي موضوع تي گول ميز مذاڪري کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسرندڙ ملڪن گذريل ٻن ڏهاڪن دوران غربت جي شرح ۾ گهٽتائي جي حوالي سان نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سڄي دنيا ۾ هڪ لک 24 هزار ماڻهو روزانو غربت مان نڪري رهيا آهن ۽ ايشيا ۾ بهترين اقتصادي ترقي جي ڪري غربت جي خاتمي جي شرح ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.