اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس اسلام آباد ۾ منع??د ٿيو، ايسوسئيشن آف بلڊرز ۽ ڊوليپرز (آباد) اجلاس کي آگاهه ڪيو ته سنڌ ۾ 74 منصوبن جي منظوري ملي چڪي آهي جنهن جي ڪل لاڳت 28 ارب روپيا آهي، انهن منصوبن جي ??غاز سان 55 ارب روپين جون لاڳاپيل معاشي سرگرميون شروع ٿينديون. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سيپٽمبر 2019ع کان سيپٽمبر 2020ع جي ??رصي ۾ سيمينٽ جي وڪري ۾ 17 سيڪڙو ۽ اسٽيل جي وڪري ۾ 19 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو، آباد تعميرات جي منظوري جي ??مل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي ??والي سان حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان ڏس ۾ تجويزون به پيش ڪيون.