اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75 هين اجلاس جي نئين چونڊيل صدر وولڪن بوذڪر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم عمران خان وولڪن بوذڪر کي گڏيل قومن جي 75 هين تاريخي اجلاس جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ وزيراع??م کيس ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اهو تڪرار 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي آهي. وزيراعظم 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي ۽ انسان?? حقن جي وڏي پئماني تي ۽ منظم انداز سان ڪيل خلاف ورزين ۽ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام جي صورتحال ۽ ڀارت پاران علائقي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن زور ڏنو ته گڏيل قومون ??ن سنگين صورتحال ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو هق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراع??م کيس ڪوويڊ 19 جي وبا جي معاشي ۽ سماجي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت پاران کنيل قدمن، جنهن جو مقصد عوام جي زندگي بچائڻ سان گڏ انهن کي زندگي جون ??رورتون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻ پڻ هو بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سندس حڪومت معاشري جي ضرورتمند ۽ مستحق طبقن جي لاءِ 8 ارب ڊالر امدادي پئڪيج ڏنو. اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن حڪومت پاران ڏنو ويندڙ سڀ کان وڏو سماجي تحفظ جو پئڪيج هو.