اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آبادي ۾ تمام گهڻي اضافي سان اسان جي معيشت جي ترقي ۽ دستياب وسيلن تي دٻاءُ وڌندو، ان بدقسمتي سان اسان جي قوم غربت، ڄم جي خراب صورتحال، غذائي کوٽ جي نه خ??م ٿيندڙ سلسلي ??ي منهن ڏيندي، ميڊيا ۽ عالم سڳورن کي ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گ??رج??. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي جي عالمي ڏهاڙي تي ??نهنجي ٽوئيٽس ۾ ڪيو. صدر چيو ته آبادي ۾ تمام گهڻي اضافي سان اسان جي معيشت جي ترقي ۽ دستياب وسيلن تي دٻاءُ وڌندو. ان بدقسمتي سان اسان جي قوم غربت، ڄم جي خراب جي صورتحال، غذائي کوٽ جي نه خ??م ٿيندڙ سلسلي ??ي منهن ڏيندي. هن چيو ته اسان کي 24 کان 36 مهينن جي ٻار کي ماءُ جو کير پيارڻ کي فروغ ڏيڻ گ??رج??. اهو قدرتي عمل به آهي ۽ قرآن پاڪ مطابق به آهي. ان عرصي دوران ماءُ خوراڪ جي کوٽ شڪار نه ٿيندي ۽ ٻار جي واڌويجهه به متاثر نه ٿيندي، ان حوالي سان عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گ??رج??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وزيراعظم ان کي قومي هنگامي صورتحال قرار ڏئي مون کي پاپوليشن ٽاسڪ فورس جو سربراهه بڻايو.