اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اداره جاتي سڌارا ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي ممڪن رليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال ج?? جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قر??شي?? وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪا?? ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي اداره جاتي سڌارن بابت صلاحڪا?? ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ معيشت جي صورتحال ج?? جائزو پيش ڪيو.