اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورو??ا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ سمورن صوبن جي مشاورت سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين ۽ قومي معاملن تي انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ل??ءِ تيار آهيون، قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورا فيصلا مشاورت سان ڪيا وڃن ٿا، ڪورو??ا وبا جي ڪري والاريل ڪشمير جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي وئي آهي، عالمي برادري ۽ او آءِ سي کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ا??ا ڪرڻ گهرجي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورو??ا وبا جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هي هڪ غيرمتوقع صورتحال آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪورو??ا وبا جو بحران سڀ کان وڏو آهي.