اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا چونڊ عمل ۾ شفافيت ??ي لاءِ سڌارا آڻڻ جي تجويزن کي ساراهيندي مختلف ادارن جي سربراهن جي ??قر??ي لاءِ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم 12 وزا??تن ۾ ضابطن جي خلاف ??قر??ين جي رپورٽ جو سخت نوٽيس وٺندي ٻين وزا??تن کان به هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم عمران خان جي سوچ جو محور ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرم?? به انهي سوچ جي عڪاس آهي، اسان کي ماڻهن جي صحت جي حفاظت سان گڏوگڏ انهن جي معاشي تحفظ ک?? به يقيني بڻائڻو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي ايجنڊا 7 نقاطي هئي، ڪابينا اجلاس ۾ چونڊ سڌارن ??ي لاءِ 39 تجويزون پيش ڪيون ويون، اهي تجويزون اعظم سواتي پارلياماني معاملن واري وزير جي حيثيت سان تيار ڪيون هيون.