جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ??يڻ سميت ??ڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هن وقت سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي ٽن ڏ??نهن جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن م??تلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي گڏيل لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو.