اسلام آباد – 10 مارچ (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماکيءَ جي پ??داوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار واري وزارت سٺي معيار جي ماکيءَ عالمي منڊين تائين پهچائڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ قدم ??ڻي، مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان مگس باني ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ ماکي جي پ??داوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ قدم ??ڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي اعليٰ معيار جي ماکيءَ کي عالمي منڊين ۾ موڪلڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ واپار واري وزارت قدم ??ڻي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جي ماکي جي پ??داوار جي صلاحيت موجود آهي. مگس باني جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي جديد رخن تي تربيت جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم ??ڻڻ ضروري آهن. وفد صدر کي مگس باني جي شعبي ۾ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو.