اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر عورتن ??ي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني معذوري جو شڪار عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، پارليامينٽ قانونسازي سميت خصوصي ماڻ??ن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، آئون يقين ڏياريان ٿو ته پارليامينٽ ان حوالي سان پنهنجون سموريون ذميداريون پوري ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ عورتن ??ي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جسماني طور تي معذور عورتن ??ي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته عورتن ??و عالمي ڏهاڙو اهڙو موقعو آهي ته ان جي ذريعي اسان معاشري جي خصوصي ماڻ??ن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۽ کين معاشري جو فعال حصو بڻائڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان ان سفر ۾ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن پارليامينٽ ۾ عورت ميمبرن جي گروپ ومين ڪاڪس جي چيئرمين منزه حسن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ هن قانونسازي جي حوالي سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي. پارليامينٽ جي سطح تي هن هيستائين کنيل قدمن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ آءِ سي ٽي به منظور ڪيو آهي ۽ خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جن??ن جو مقصد قانونسازي ۾ جهولن کي ختم ڪرڻ ۽ اهڙيون سفارشون جوڙڻ آهي جن??ن جي ذريعي موجوده قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسپتالن ۽ اهم تعليمي ادارن تائين به خصوصي ماڻ??ن جي پهچ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي تعليم ۽ صحت جي ??عب?? ۾ خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ موجوده قانونن تي عملدرآمد لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي، خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ موبائيل ايپ به شروع ڪئي وئي آهي جن??ن جي ذريعي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ ڊرائيونگ لائسنس سميت ٻي سروسز تائين ان??ن جي پهچ آسان ٿيندي.