تبسم گل (خصوصي فيچر)
اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪوم?? جي صحت سڌاراجاتي ايجنڊا ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد سان عالمي ضابطن موجب صحت جو مضبوط نظام تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. قومي سطح تي نگراني ۽ وقت سر قدمن جي صلاحيت وڌ??ئڻ جي لاءِ سموريون ڌريون گهربل صلاحيت ۾ اضافي جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. ان مقصد جي لاءِ پبلڪ هيلٿ ليبارٽريز نيٽ ورڪ، ريسپانس اينڊ ليگل فريم ورڪ ۽ انٽگريٽيڊ ڊيزيز سرويلينس جي لاءِ هڪ اسٽريجڪ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي. ان شعبي ۾ موثر سڌارن جي لاءِ وفاقي حڪومت هڪ قومي ايڪشن پلان 23 – 2019ع تيار ڪيو آهي. اهڙي طرح صح?? جي صوبائي کاتن نيشنل هيلٿ ويزن موجب صح?? جي شعبي جي لاءِ پنهنجي حڪمت عملي کي پڻ حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. حڪومت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڊيزيز سرويلينس اينڊ ريسپانس جي لاءِ ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۽ ڪوآرڊينيشن يونٽس پڻ قائم ڪيا آهن. اهڙي طرح ون هيلٿ جي نقطه نظر تي قومي ۽ صوبائي فوڪل پوائنٽس پڻ جوڙيا ويا آهن جڏهن ته صحت بابت قومي ٽاسڪ فورس پڻ جوڙي وئي آهي جيڪا صح?? جي نظام جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻ??ئڻ جي لاءِ اهم ترجيحن ۽ افعال جو باقاعدگي سان جائزو وٺي رهي آهي. وزيراعظم جي نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ هر شهري جي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل جي لاءِ يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن.
هن چيو ته صحت ڪارڊ تحت يونيورسل هيلٿ ڪوريج صح?? جي سارسنڀال جي نظام ۾ انقلاب آڻيندي. هن ان کي مديني جي رياس?? جي اصولن تحت فلاحي رياست طرف هڪ وڏو قدم قرار ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران متعارف ڪرايل صحت سڌارن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرائيندي صح?? جي نظام جي معيار کي بهتر بڻ??ئڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. حڪومت صح?? جي نظام ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ڪندي ته جيئن سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي بيمارين کان تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم جي خاص معاون چيو ته حڪومت پنهنجي شهرين کي اڳ ۾ ئي مفت طبي خدمتون فراهم ڪري چڪي آهي ۽ صح?? جي شعبي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻ??ئڻ جي لاءِ سڌاراجاتي ايجنڊا تي ??م ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته قومي صحت واري وزارت ملڪ ۾ صحت سڌاراجاتي ايجنڊا ۾ تعاون جي لاءِ بينيفٽ پئڪيج آف پاڪستان پراجيڪٽ تي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. شروعاتي طور تي هر صوبي جي ٻن ضلعن ۽ هر ريجن جي هڪ علائقي ۾ اهو بينيفٽ پئڪيج شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (آءِ سي ٽي) جي لاءِ اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ماڊل ڊسٽرڪٽ جي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ پهريون ڀيرو صح?? جي حڪمت عملي تيار ۽ منظور ڪئي آهي. پاڪست??ن انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) جي جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منهاج السراج چيو ته اسپتال انتظاميا وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي صحت سڌاراجاتي ايجنڊا تي عملدرآمد کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ مختلف جديد منصوبا شروع ڪيا آهن.
هن چيو ته معياري صح?? جي سارسنڀال جي نظام جو مقصد سرڪاري شعبي جي اسپتالن ۾ شهرين کي بهتر طبي سهولتون ڏيڻ آهي. پمز جا فرنٽ لائين ورڪرز ڪورونا وائرس جي وبا دوران شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ ۾ اڳتي رهيا آهن. اس??ن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اسان جو عملو تعليم يافته ۽ تربيت يافته ۽ انهن وٽ سمورا گهربل وسيلا موجود هجن. هن ٻڌايو ته ڏهاڙي 10 هزار کان وڌيڪ مريض مختلف بيمارين جي علاج جي لاءِ پمز اچن ٿا. پمز تحت 6 اسپتالون ??م ڪري رهيون آهن جن ۾ چلڊرن اسپتال، ڪارڊيڪ سينٽر، گائني ڊپارٽمينٽ ۽ نئون تعمير ٿيل ڊينٽسٽري سيڪشن شامل آهي. اسان پنهنجي ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ کي سائنسي بنيادن تي قائم ڪري چڪا آهيون. هنگامي ۽ معمول جي ڪيسز کي فوري منهن ڏيڻ جي لاءِ هيلٿ پروفيشنلز ۽ تربيت يافته نرسن تي ٻڌل ٽيم هر وقت موجود رهي ٿي.
هن چيو ته ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ ايمرجنسي مريضن جي لاءِ هڪ خاص طريقيڪار اختيار ڪيو ويو آهي. جنرل ايمرجنسي ۽ ڪارڊيڪ ايمرجنسي جي لاءِ پڻ هڪ طريقيڪار موجود آهي ۽ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي متحرڪ ڪردار س??ن اسپتال ۾ سهولتن کي بهتر بڻايو پيو وڃي. فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلين?? جي ڊاڪٽر شريف استوري چيو ته بنيادي صحت جو مضبوط نظام عوام کي انهن جي ضرورتن موجب معياري طبي سهولتون فراهم ڪري سگهي ٿو، جيڪو انهن جو بنيادي حق آهي.
فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ اسپتال جي انتظاميا وفاقي گادي واري شهر ۾ پنهنجي ڊسپينسرين ۾ بهترين خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻ??ئڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته صح?? جي شعبي ۾ سڌارن تحت مختلف ڊسپنسرين کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي گادي واري شهر جا شهري انهن ڊسپينسرين تان مفت تشخيص ۽ علاج جي سهولتن کانسواءِ مفت ويڪسينيشن خدمتن مان فائدو کڻي رهيا آهن. ڊاڪٽر شريف استوري چيو ته وفاقي حڪوم?? جي هدايت تي شهرين کي صح?? جي بهترين سهولتن جي فراهمي ۾ سرڪاري شعبي جون اسپتالون اهم ڪردار ادا رهيون آهن. اسان جي ڪوشش آهي ته حڪوم?? جي سڌاراجاتي ايجنڊا موجب ماڻهن کي يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن ٻڌايو ته صح?? جي حوالي سان ڪيترين ئي ڏکيائين جي علاج جي لاءِ پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ ڏهاڙي 7 هزار مريض اچن ٿا. اسپتال تي مريضن جي وڏي بار جي باوجود انتطاميا مريضن کي بهتر علاج جي فراهمي جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. انصاف ڊاڪٽرز فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر خاور سلطان پاڪستاني عوام کي صح?? جي بهترين سهولتن جي فراهمي جي لاءِ سڌاراجاتي ايجنڊا کي هڪ اهم قدم قرار ڏيندي چيو ته بهتر وسيلن جي دستيابي سان صح?? جي نظام ۾ يقينن بهتري ايندي. اسان جو بنيادي مقصد نظام کي بهتر بڻ??ئڻ هجڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت مل?? جي عوام خاص طور تي غريب ۽ ضرورتمند ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ صح?? جي سارسنڀال جي نظام ۾ مثبت تبديليون آڻڻ جي حوالي سان پنهنجو واعدو پورو ڪندي.