لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، پوليس ڪنهن سياسي اثر رسوخ کي خاطر ?? نه آڻي، انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، عوام جي مسئلن جي حل لاءِ صرف ميرٽ تي عمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پن??اب پوليس ۾ سڌارن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آءِ جي پن??اب انعام غني وزيراعظم کي پن??اب پوليس جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪيل سڌارن ۽ قدمن تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم عمران خان آءِ جي پن??اب کي هدايت ڪئي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، هن چيو ته عوام جي مسئلن جي حل ۾ صرف ميرٽ تي عملداري ڪئي وڃي، انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ماضي ۾ پوليس ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون ويون جنهن جو نقصان ماڻهن کي کڻڻو پيو، هن چيو ته ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، پوليس ڪنهن سياسي اثر رسوخ کي ليکي ?? نه آڻي. ماڻهو توهان مان تڏهن مطئمن ٿيندا جڏهن توهان سڀني سان هڪجهڙو ۽ قانون موجب سلوڪ ڪندا.