اسلام آباد – 25 ڊسمبر (??ي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مدگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي گڏيل لاڳاپن کي تعاون کي وڌ??ئي علمي معلوماتي ۽ صحافتي مٽاسٽا کي به فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو يو اي اي جي تعاون سان نيشنل لائبريري اسلام آباد ۾ قائم ڪيل ب?? پويلين جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪر?? رهي هئي، يو اي اي جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النيهان جي نيشنل لائبريري اسلام آباد آمد تي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ منشيات جي خاتمي واري مملڪتي وزير شهريار آفريدي سندس استقبال ڪيو، مهمان شخصيت سان گڏ يو اي اي جي تعاون سان نيشنل لائبريري اسلام آباد ۾ بڪ ??ويلين جو افتتاح ڪيو ويو.