اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??ص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي، قومي مفاد تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو مفاد اسان سڀن?? جي ترجيح هجڻ گهرجي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا قوم جي ضرورت آهي، هن ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع اسان سڀن?? جي ذميداري آهي، جنهن کي يقيني بڻائڻو آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ قانونساز?? جي حوالي سان م??الف ڌر سان رابطي ۾ آهيون اميد آهي ته معاملا خير خوبي سان حل ٿي ويندا، راڻا ثناءُ الله کي بي گن??هي جو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙن جي ذهنن ۾ ابهام آهي، نجي ٽي وي چئنل سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته راڻا ثناءُ الله جو ڪيس مڪمل طور تي واضح آهي اهو ڪريڊٽ اي اين ايف جو ڏانهن وڃي ٿو جنهن جرئت ۽ بهادري سان طاقتور مافيا تي هٿ وڌو آهي.