اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائداعظم پاڪستان ٺهڻ کان ٽي ڏينهن اڳ ۾ ئي ان جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ پاڪستان?? آهن کڻي اهي ڪهڙي صوبي يا مذهب سان لاڳاپو رکندا هجن، پاڪستان جو اصل مطلب اهو ئ?? آهي، ڀارت ۾ جيڪي حالتون آهن انهن ٻه قومي نظريي کي وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو آهي، ٻا??ن کي ٻڌائڻ گهرجي ته پاڪستان ڪهڙي مقصد لاءِ ٺهيو هو، اسان کي اسڪولن ۽ تربيت ۾ اهو شامل ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ برابر آهن، اه??ن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.