اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خص??صي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ايران جي پاڪستان ۾ مقرر سفير مهدي هنردوست الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ميڊيا، فلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي و??يڪ مستحڪم ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي شخصيتن ثقافتي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ??يو ڇو ته ٻنهي ملڪن وٽ عالمي سطح تي پيش ڪرڻ جي لاءِ عظيم قومي ورثو، روايتون ۽ ق??ر موجود آهن.