اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان هنگري سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آ??ي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپار حقيقي صلاحيت کان گهٽ آ??ي، پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪاسائي ڀارتي حڪومت جي هٿان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ڪڏهن خاموش نه رهندو ۽ اسان کي ڪشميري ڀائرن جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هنگري لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد اعجاز سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.