اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) 6 سيپٽمبر 1965ع جرئت ۽ بهادريءَ جا داستان رقم ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستان جي شيردل فوج تمام وڏي دشمن ??ار?? کي رُڪ جا چڻا چٻرايا، ??ار?? کي هر محاذ تي منهن ڀر ڪرڻو پيو. 6 سيپٽمبر 1965ع تي ??ار?? صبح 4 وڳي لا??ور تي حملو ڪيو، پاڪ فوج لا??ور جسٽر طرفان سيالڪوٽ ۽ فيروز پور طرفان قصور تي ڪيل ??ار??ي حملو ناڪام بڻايو، واهگه ۽ بيديان جي ٻنهي مهاذن تي پاڪ فوج وڏي جاني نقصان پهچائيندي ??ار??ي حملو ناڪام بڻايو، وڏي انگ ۾ ??ار??ي فوج جنگي قيدي بڻايا ويا. لا??ور جي محاذ تي ڪيترين ئي ??ار??ي ٽينڪن، بندوقن ۽ ٻئي جنگي سازو سامان کي تباهه ڪيو ويو. جسٽر واري جاءِ تي تمام وڏي جنگ وڙهي وئي، جنهن ۾ ??ار??ي فوجين کي ڊوڙائي ڪڍيو ويو ۽ راوي درياهه جو اهو ڏاکڻيون علائقو آزاد ??رايو ويو جنهن تي ??ار??ي فوج صبح جو قبضو ڪيو هو. ڇمڀ جي محاذ تي وڏو نقصان کائڻ ۽ ڪيترن ئي ميلن جي علائقي ۾ دشمن جا هٿيار وکريا پيا هئا، 35 ??ار??ي فوجين کي جنگي قيدي بڻايو ويو. ڪشميري مجاهدن سرينگر ويجهو 2 پلن ۽ هڪ رستي کي تباهه يو. راجوڙي ۽ پونچ لائن کي به سخت نقصان پهچايو ويو. صبح جو ساڍي 6 وڳي لا??ور تي حملي جي خبر ملندي ئي فوج کي پنهنجي مقرره هدف تي قبضي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. پاڪ فضائيه پٺاڻ ڪوٽ هوائي اڏي تي ڪامياب حملو ڪيو، پاڪ فضائيه ??ار?? جا 22 جهاز تباهه ڪيا، جن ۾ سي 119، ميسٽريس، 21 ساخت جا جهاز شامل هئا. هڪ ميسٽريس جهاز کي راهوالي وٽ ميزائيل وسيلي ڪيرايو ويو. فيلڊ مارشل محمد ايوب خان چيو هو ته اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون، اسان جا بهادر سپاهي دشمن جا حملا ناڪام ڪرڻ لاءِ اڳيان نڪري چڪا آهن، اسان جي هٿياربند فوج جرئت ۽ بهادري ثابت ڪري ڏيکاريندي. اسان جي بهادر فوج جو جذبو ناقابل تسخير آهي ۽ اسان جو عزم ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيو. هو دشمن سان لوهن هٿن سان وڙهندا.